چيٽو مل

چيٽو مل: حڪيم چيٽو مل ولد حڪيم ٻڌو مل 1916ع ڌاري ڪشمور ۾ ڄائو. هو سٺو حڪيم سماجي اڳواڻ ۽ ڪشمور جي هندن جي پئنچائت جو مکي پڻ هو. هن 1944ع ۾ آير ويدڪ اينڊ يوناني طبيه ڪاليج امرتَسر مان طب جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان سواءِ بورڊ آف يوناني اينڊ آير ويدڪ سسٽم آف ميڊيسنز پاڪستان کان 1965ع ۾ ڊگري ورتي. هن تمام گهڻيون سماجي خدمتون ڪيون، جنهن کي ڏسندي شهر واسين کيس وڏيءَ اڪثريت سان 1964ع ڌاري ”ٽائون ڪاميٽي ڪشمور جو چيئرمين منتخب ڪيو. چيٽو مل مئنارٽي ڪميٽي ضلعي جيڪب آباد جو عهديدار به رهيو.


لفظ چيٽو ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو